سر ڪائوسجي جهانگير مينٽل هاسپيٽل

سر ڪائوسجي جهانگير مينٽل هاسپيٽل

سر ڪائوسجي جهانگير مينٽل هاسپيٽل

سر ڪائوسجي جهانگير مينٽل هاسپيٽل: هيءَ ايشيا جي پهرين دماغي ۽ نفسياتي اسپتال آهي. حيدرآباد کان اڳ لاڙڪاڻي ۾ قائم هئي، پوءِ حيدرآباد ويجهو ٽنڊي گدوءَ ۾ قائم ڪئي وئي. پهرين پهرين هتي انهن مريضن کي داخل ڪيو ويندو هو، جن جو ذهني توازن ٺيڪ نه هئڻ ڪري چريائپ واري حالت ۾ هوندا هئا. حيدرآباد جي تاريخ ۾ هيءَ اسپتال، 19 صديءَ ۾ سول اسپتال ۽ پوليس اسپتال کان به اڳ جي آهي، جڏهن اهي ٻئي اسپتالون ان وقت تائين صرف ڊسپينسريون هيون. هن مينٽل اسپتال جي تعمير ٽنڊي گدو بندر ۾ 1871ع ۾ عمل ۾ آئي. هن اسپتال لاءِ زمين ديوان گدو مل جي پونيرن تحفي طور ڏني، جڏهن ته ان جي اڏاوت جي اڌ رقم ممبئيءَ جي مشهور پارسي سر ڪائوسجي جهانگير ڏني. ان زماني ۾ اسپتال جي اڏاوت کي ڪل لاڳت 6844.5 روپيا آئي هئي. سر ڪائوسجيءَ کان سواءِ باقي رقم حڪومت فراهم ڪئي. اسپتال اٽڪل 25 ايڪڙن جي ايراضيءَ تي پکڙيل آهي، جنهن ۾ ايڊمنسٽريشن بلاڪ کان سواءِ ڪيترائي وارڊ آهن. 1941ع ۾ اسپتال جي عمارت کي ٻيهر شاندار نموني تعمير ڪيو ويو. هيءَ ايشيا جي وڏين دماغي اسپتالن ۾ شمار ٿئي ٿي. هن عمارت ۾ هڪ وڏو ڪانفرنس هال ۽ شاندار آڊيٽوريم به آهي. خطرناڪ ۽ ويڙهاڪ مريضن جو وارڊ بلڪل ڌار آهي. هن اسپتال ۾ 360 بسترن جي گنجائش آهي.
(حوالو: حيدرآباد، عشرت علي خان، ڪريمي بڪ هائوس حيدرآباد، 2006ع)


هن صفحي کي شيئر ڪريو